اتر (اتر جو واءُ)

اتر (اتر جو واءُ ):سنڌ ۾ اُتر طرف جو واءُ سياري ۾ لڳندو آهي ۽ سيءَ کي آڻيندو آهي، (جنهن ۾ ٻيڙياتا ٻيڙا هاڪاري سفر تي اُسهندا آهن). ساوڻيءَ جو مينهن پڻ سنڌ ۾ اُتر- اوڀر کان ايندو آهي، تنهنڪري پکي پکڻ ۽ ماڻهو، سڀ کي اُتر جي مينهن جي اُڪنڊ هوندي آهي.
”لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي!“ (شاهه)
شاهه جي ڪن ڄاڻن جي راءِ آهي ته اُتر واءَ جي اها معنيٰ نه آهي، پر اُتر معنيٰ ’سوايو واءُ‘ آهي، ڇو ته سوايي واءَ سان ڪينجهر ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون، ان جي شاهديءَ شاهه جو ٻيو بيت ڏنو وڃي ٿو:
هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونئر ترن،
ورئي واهوندن، ڪينجهر هندورو ٿئي!
واهوندا، ڏکڻ اولهه جا واءَ، سوايا واءِ هوندا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو


هوا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اتر (اتر جو واءُ)
هوا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون